ٽي بي

ٽي بي

ٽي بي

ٽي بِي: (T.B) انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو Tuberculosis جو مخفف آهي، جنهن کي سلهه جي بيماري يا ڦڦڙن جي سلهه چوندا آهن. هن بيماريءَ کي ”دِق تپُ“ به چوندا آهن. ٽي. بي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جنهن جو ڪارڻ هڪ جيوڙو آهي. هيءَ بيماري انسانن توڙي جانورن کي ٿيندي آهي. هي جيوڙو جڏهن جسم جي تنتي سرشتي تي حملو ڪندو آهي، تڏهن جسم ۾ ننڍڙا داڻا ٺهي ويندا آهن، ۽ اهي ڦڦڙن جي ذريعي ساهه سان گڏ پکڙجي ٻين ماڻهن تائين پهچي ويندا آهن. ٽي. بيءَ جا ٻيا به قسم آهن: هڏين جي، آنڊن جي، چمڙيءَ جي وغيره. آڳاٽي وقت ۾ هيءَ لاعلاج بيماري هئي، پر هاڻي سائنسدانن هن بيماريءَ جو علاج ڳولي ڪڍيو آهي، انهيءَ ڪري هن وقت هن بيماريءَ وگهي مرڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. هن بيماريءَ ۾ مريض کي آرام، صفائي، تازي هوا ۽ هلڪو کاڌو ڏيڻ پڻ علاج ۾ شامل آهي.


لفظ ٽي بيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو